108

نئين سال جي آمد: مختلف موبائيل فونن تي واٽس ايپ سروس بند ڪئي ويندي.

اسلام آباد: نئين سال جي آمد سان مختلف موبائيل فونن تي واٽس ايپ سروس بند ڪئي ويندي.
مشهور ميسيجنگ ايپ واٽس ايپ جي انتظاميا هڪ بيان ۾ چيو آهي ته نئين سال جي اچڻ سان واٽس اپ 49 قسم جي موبائيل فونن تي ڪم بند ڪري ڇڏيندو. جنهن ۾ آئي فون، Samsung، Huawei ۽ LG موبائل فون جا ڪيترائي Android ماڊل شامل آهن.

پراڻا آئي فونز يا اينڊرائيڊ فون وارا ماڻهو 31 ڊسمبر کان پوءِ اپ گريڊ کانسواءِ واٽس اپ سروس استعمال نه ڪري سگهندا، پر واٽس اپ بند ٿيڻ کان اڳ صارفين کي اطلاع ڏنو ويندو.

واٽس ايپ ڪمپني جو چوڻ آحي ته “فون ۽ سافٽ ويئر اڪثر تبديل ٿيندا آهن، تنهنڪري اسان باقاعده جائزو وٺندا آهيون ته اسان ڪهڙي آپريٽنگ سسٽم کي سپورٽ ۽ اپڊيٽ ڪندا آهيون،

بيان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته موبائل فونن ۾ شايد جديد سيڪيورٽي اپڊيٽ نه هجي يا ٿي سگهي ٿو انهن ۾ واٽس اپ کي هلائڻ لاءِ ضروري صلاحيتون نه هجن.

اهو فيصلو ڪرڻ لاءِ ته ڪنهن کي سپورٽ ڪرڻ بند ڪرڻ گهرجي، هر سال اسان، ٻين ٽيڪنالاجي ڪمپنين وانگر، ڏسون ٿا ته ڪهڙا موبائيل فون ۽ سافٽ ويئر سڀ کان پراڻا آهن ۽ تمام گهٽ تعداد ۾ ماڻهو هاڻي استعمال ڪري رهيا آهن.

آئي فون جي آپريٽنگ سسٽم کي اپڊيٽ ڪرڻ لاءِ، ان جي ‘جنرل’ سيٽنگون ڏانهن وڃو ۽ ‘سافٽ ويئر اپڊيٽ’ چونڊيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں