74

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي سڀاڻي مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي سڀاڻي 31 ڊسمبر تي وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ شيڊول موجب مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ علي نواز اعواڻ ۽ جماعت اسلامي پاران مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ خلاف درخواستن تي محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو.

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس ارباب محمد طاهر فيصلو ٻڌايو ۽ چونڊون ملتوي ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن به معطل ڪري ڇڏيو.
اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي 31 ڊسمبر تي شيڊول موجب مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي. عدالت طرفان مختصر فيصلو ٻڌايو ويو جڏهن ته تفصيلي فيصلو بعد ۾ جاري ڪيو ويندو.
ياد رهي ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ چونڊون ملتوي ڪرڻ خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو اڄ جاري ڪيو ويو آهي. عدالتي فيصلي ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي حڪم ڏنو ويو آهي ته اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون شيڊول موجب 31 ڊسمبر يعني سڀاڻي ئي ڪرايون وڃن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں