67

اليڪشن ڪميشن ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو ته هو امپورٽڊ حڪومت جي بي ٽيم آهي: عمران خان

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هو امپورٽڊ حڪومت جي بي ٽيم آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان لکيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي جي ڀڃڪڙي ڪري اليڪشن ڪميشن ٻيهر ثابت ڪري ڇڏيو ته هو امپورٽڊ حڪومت ۽ ان جي سرپرستن جي بي ٽيم آهي.
عمران خان چيو ته عوام کان ڊنل پاڪستان ڊيمو ڪريٽڪ موومينٽ(پي ڊي ايم) چونڊ ميدان کان ڀڄي رهي آهي. ووٽ جو بنيادي حق جمهوري اصول آهي پي ٽي آءِ پنهنجي موقف تي قائم آهي.
اڳوڻي وزيراعظم چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي تي عمل نه ڪري اليڪشن ڪميشن هڪ دفعو ٻيهر ظاهر ڪيو ته هو امپورٽڊ حڪومت ۽ ان جي سهولتڪارن سان مليل آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں