73

حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊن جو فيصلو چئلينج ڪري ڇڏيو

اسلام آباد: اسلام آباد ۾ شيڊول موجب مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو سنگل بئنچ جو فيصلو چئلينج ڪيو ويو.
اليڪشن ڪميشن ۽ وفاقي حڪومت ٻنهي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي سنگل بئنچ جي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيلون داخل ڪري ڇڏيون. اليڪشن ڪميشن جي درخواست ۾ جماعت اسلامي اڳواڻ ميان اسلم ۽ تحريڪ انصاف جي علي نواز اعواڻ کي ڌر بڻايو ويو آهي.
اليڪشن ڪميشن جي اپيل تي رجسٽرار آفيس اعتراض لڳائي ڇڏيو. ذريعن موجب اپيل ۾ ڪجهه دستاويز گهٽ آهن. اليڪشن جي قانوني ٽيم اعتراض ختم ڪري رهي آهي. وفاقي حڪومت طرفان ايڊيشنل اٽارني جنرل منور اقبال دُگل به اپيل داخل ڪئي.
ياد رهي ته اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون اڄ ٿيڻيون هيون. جنهن کي اليڪشن ڪميشن اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏيو هو. پر اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن جو فيصلو معطل ڪندي چونڊون اڄ ڇنڇر تي ئي ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود شهر ۾ مڪاني چونڊن جي لاءِ پولنگ شروع نه ٿي سگهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں