71

اسلام آباد چونڊون: اليڪشن ڪميشن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي: پي ٽي آءِ

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف اليڪشن ڪميشن طرفان اسلام آباد ۾ مڪاني چونڊون نه ڪرائڻ جي عدالتي حڪم کي کلي توهين قرار ڏئي ڇڏيو.
تحريڪ انصاف جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل اسد عمر اليڪشن ڪميشن خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪري ڇڏيو. اسد عمر چيو ته هي امپورٽڊ حڪومت اهڙو نظام بنائڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي جنهن ۾ جمهوريت ته هجي پر ڪابه چونڊ نه ٿئي. هي حڪومت جمهوريت جو جنازو ڪڍي رهي آهي.

فواد چوڌري چيو ته اسلام آباد ۾ ووٽر پولنگ اسٽيشن جي ٻاهران بيٺل آهن پر عدالت جي حڪمن باوجود چونڊون روڪيون ويون آهن. هن چيو ته ووٽ کان ڊنل حڪومت پنهنجي ڪٺ پتلي اليڪشن ڪمشنر سان ملي عوام ۽ آئين جو مذاق اڏائي رهي آهي. عدالت پنهنجي فيصلي تي عمل ڪرائي ۽ امپورٽڊ حڪومت، اليڪشن ڪميشن خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي.

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر راجا راڻا ثناءُالله جي چوڻ تي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ٿڏي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن(ن) ليگ جو ماتحت ادارو آهي. هن چيو ته اهڙي طرح عوام کي سندن حقن کان محروم ڪري ملڪ نٿو هلائي سگهجي. اسان هن کليل غنڊه گردي جي ذميوارن خلاف توهين عدالت جي پٽيشن داخل ڪري رهيا آهيون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں