62

ڪورونا جو امڪان: اسلام آباد ايئرپورٽ تي مسافرن جي اسڪريننگ شروع

اسلام آباد: اسلام آباد ايئرپورٽ تي ڪورونا جي پکيڙ واري امڪان کي نظر ۾ رکندي مسافرن جي اسڪريننگ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي.
ڪورونا وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ جي لاءِ سول ايوي ايشن اٿارٽي طرفان اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي اسڪريننگ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي.
بارڊر هيلٿ سروسز جي هدايت تي انٽرنيشنل آرائيول لائونج ۾ ڪورونا ٽيسٽنگ شروع ڪئي وئي آهي. جڏهن ته انٽرنيشنل آرائيول سميت ايئرپورٽ کي ڊي انفيڪشن ڪرڻ جي لاءِ اسپري ڪيو پيو وڃي.
هيلٿ ڪائونٽر تي عملي سان گڏ اي ايس ايف اهلڪار به مقرر ڪيا ويا آهن ۽ سول ايوي ايشن درخواست ڪئي آهي ته مسافر هيلٿ ڪائونٽر تي موجود عملي سان تعاون ڪن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں