59

پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان اڄ ڪيو ويندو

اسلام آباد: (ڇنڇر: 31 ڊسمبر 2022ع) پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان اڄ ٿيندو. عالمي مارڪيٽ ۾ في بيرل تيل جي قيمت 77 ڊالرن مان وڌي 80 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي آهي.
ملڪ ۾ پيٽروليم شين جي نئين قيمتن جو اعلان اڄ رات جو ٿيندو. قيمتن ۾ هيٺ مٿانهين جو حتمي فيصلو ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار ڪندو جنهن جي منظوري وزيراعظم کان ورتي ويندي.

پاڪستان ۾ ڊالر جي قيمت جو فيصلو عالمي مارڪيٽ ۾ قيمتن کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويندو آهي ۽ هن وقت عالمي مارڪيٽ ۾ ڊالر جي قيمتن ۾ گذريل 15 ڏينهن جي مقابلي ۾ 3 ڊالر في بيرل واڌ ٿي چڪي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں