205

سال 2023 ۾ 2 سج گرهڻ ۽ 2 چنڊ گرهڻ ٿيندا

ڪراچي: سال 2023 ۾ سڄي دنيا ۾ 2 سج گرهڻ ۽ 2 چنڊ گرهڻ ٿيندا.ڪراچي موسميات کاتي موجب نئين سال جو پهريون مڪمل سج گرهڻ 20 اپريل 2023ع تي ٿيندو، جيڪو پاڪستان ۾ نظر نه ايندو. سج گرهڻ پاڪستان جي مقامي وقت مطابق صبح 6 لڳي 34 منٽن تي شروع ٿيندو. مڪمل سج گرهڻ صبح 9 لڳي 17 منٽن تي ٿيندو ۽ 10 لڳي 57 منٽن تي ختم ٿيندو.
نئين سال جو پهريون سج گرهڻ بنگلاديش، سريلنڪا، ايران، افغانستان، جاپان، ٿائيلينڊ، انڊونيشيا، ملائيشيا ۽ دنيا جي ٻين ملڪن ۾ نظر ايندو.
سال جو پهريون ۽ ٻيو جزوي چنڊ گرهڻ 5 ۽ 6 مئي 2023 تي ٿيندو. هي چنڊ گرهڻ پاڪستاني وقت موجب رات 8 لڳي 13 منٽن تي شروع ٿيندو. جزوي چنڊ گرهڻ رات 10:23 تي مڪمل ٿيندو ۽ ٻئي ڏينهن 6 مئي تي رات 12:33 تي ختم ٿيندو. هن چنڊ گرهڻ جو ڪل وقت 4 ڪلاڪ 18 منٽ هوندو. جزوي چنڊ گرهڻ پاڪستان ۾ مڪمل طور تي نظر ايندو، ان کان علاوه ٻين ملڪن جهڙوڪ بنگلاديش، ڀارت، سريلنڪا، ايران، عراق، گڏيل عرب امارات، روس، چين ۽ ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ به نظر ايندو.
سال 2023 جو ٽيون مڪمل ۽ ٻيو جزوي سج گرهڻ 14 ۽ 15 آڪٽوبر تي ٿيندو، جيڪو پاڪستان جي معياري وقت موجب رات 8 لڳي 4 منٽن تي شروع ٿيندو، مڪمل سج گرهڻ رات 10 لڳي 59 منٽن تي ٿيندو ۽ 15 آڪٽوبر تي ختم ٿيندو. ٻئي ڏينهن 12 لڳي 50 منٽن تي سج گرهڻ جو ڪل وقت 5 ڪلاڪ 54 منٽ هوندو.
پاڪستان سميت ايشيا جي ٻين ملڪن ۾ به رات دير تائين نظر ايندو. هي سج گرهڻ آمريڪا، برازيل، ڪينيڊا ۽ ٻين ملڪن ۾ نظر ايندو. جزوي سج گرهڻ کي Ring of Fire جو نالو ڏنو ويو آهي.
سال 2023 جو چوٿون ۽ ٻيو جزوي چنڊ گرهڻ 28 ۽ 29 آڪٽوبر تي ٿيندو، پاڪستان جي مقامي وقت موجب رات 11 لڳي 20 منٽن تي شروع ٿيندو.
هي چنڊ گرهڻ پاڪستان ۾ نظر ايندو. اهو سنگاپور، انڊيا، جپان، گڏيل عرب امارات، ايران، عراق، روس، چين ۽ ٻين ملڪن ۾ ڏٺو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں