63

عون چوڌري جي انڪشافن کان پوءِ جسٽس(ر) ثاقب نثار جو رد عمل سامهون اچي ويو

اسلام آباد: عمران خان جي ويجهي ساٿي عون چوڌري طرفان جهانگير ترين نااهلي ڪيس ۾ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار ۽ عمران خان وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين جي حوالي سان ڪيل انڪشافن کان پوءِ ثاقب نثار جو رد عمل به سامهون اچي ويو آهي.
اڳوڻي چيف جسٽس آف پاڪستان(ر) ثاقب نثار چيو آهي ته اعليٰ ترين فوجي آفيسرن سميت ڪنهن ۾ به طاقت نه هئي ته ڪو رعايت حاصل ڪرڻ لاءِ مون سان رابطو ڪري.

ثاقب نثار نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيو ته عمران خان پنهنجي يا جهانگير ترين لاءِ مون سان رابطو ڪرڻ جي باري ۾ سوچي به نٿي سگهيو.ثاقب نثار چيو ته مون سان گڏ بينچ ۾ جسٽس فيصل عرب ۽ جسٽس عمر عطا بنديال به گڏ هئا. جن جي ڪردار تي ڪوبه ماڻهو سوال نٿو اٿاري سگهي.

ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ نچي چينل سان ڳالهيون ڪندي عون چوڌري چيو هو ته حلف کڻي چوان ٿو ته عمران خان نااهلي ڪيس ۾ عمران خان جا دستاويز پورا نه هئا. عمران خان کي صادق ۽ امين قرار ڏيارڻ لاءِ بيسلٽڪ ايڪٽ جي طور تي جهانگير ترين کي نااهل ڪيو ويو.
عون چوڌري دعويٰ ڪئي ته جهانگير ترين جي سپريم ڪورٽ ۾ ريويو پٽيشن آئي ته پاڻ عمران خان ان وقت جي چيف جسٽس ثاقب نثار کي فون ڪيو ته ان کي رد ڪريو ۽ جهانگير ترين کي نااهل رهڻ ڏيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں