71

لکي مروت: پوليس چوڪي مٿان دهشتگردن جو حملو، هڪ اهلڪار شهيد

لکي مروت: انڊس هاءِ وي تي واقع پوليس چوڪي شهباز خيل مٿان دهشتگردن جي حملي ۾ هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو.
خيبرپختونخواهه جي ضلعي لکي مروت ۾ نئين سال جي شروعات دهشتگردن جي حملي سان ٿي. ڇنڇر ۽ آچر جي رات دير سان دهشتگردن انڊس هاءِ وي تي واقع پوليس چوڪي شهباز خيل تي حملو ڪري ڏنو جنهن ۾ هڪ پوليس اهلڪار تحسين الله شهيد ٿي ويو.

پوليس اختيارين موجب دهشتگردن حملي ۾ وڏن ۽ خودڪار هٿيارن جو استعمال ڪيو، پر پوليس جوانن جي جوابي ڪارروائي سبب دهشتگرد فرار ٿي ويا.
حملي جي اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري موقعي تي پهچي وئي ۽ علائقي کي گهيري ۾ وٺي سرچ آپريشن شروع شروع ڪري ڇڏيو.
اختيارين موجب سرچ آپريشن دوران هڪ مبينه دهشتگرد جي لاش به چوڪي ويجهو ملي آهي. جيڪو امڪاني طور تي پوليس جي جوابي فائرنگ سبب مارجي ويو آهي. اختيارين موجب دهشتگرد جي سڃاڻپ اويس جي نالي سان ٿي آهي جيڪو پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز مٿان حملن ۾ سي ٽي ڊي بنون ۽ لکي مروت پوليس کي گهربل هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں