61

بلوچستان ۾ سرڪاري نوڪريون لکين روپين ۾ وڪرو ٿي رهيون آهن، ڄام ڪمال جي پنهنجي ئي پارٽي مٿان تنقيد

ڪوئٽه: بلوچستان جي سول سيڪريٽريٽ ۾ گريڊ چوٿين ۽ پنجين جون نوڪريون 15 کان 40 لک روپين ۾ وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ بلوچستان جي اڳوڻي وڏي وزير ڄام ڪمال پنهنجي ئي پارٽي تي تنقيد ڪندي الزام لڳايو آهي ته اڄ بلوچستان جي سول سيڪريٽريٽ ۾ نائب قاصد ۽ ڊرائيور جي عهدي لاءِ 15 لک ۽ اسٽينو گرافر جي پوسٽ لاءِ 40 لک روپين جو مطالبو ڪيو پيو وڃي.

ڄام ڪمال چيو ته جيڪي ماڻهو ايس اينڊ جي اي ڊي هلائي رهيا آهن انهن کي خبر هجڻ گهرجي ته ڇا ٿي رهيو آهي. انهن عهدن تي مقرر ٿيندڙ ماڻهو نه ته سرمائيدار ٿيندا نه ئي وري ملازم.
اڳوڻي وڏي وزير چيو ته هڪ غريب ماڻهو ڪنهن کي چيو آهي ته هو ڊرائيور جي نوڪري ڏيارڻ لاءِ قرض وٺندو ۽ ادائيگي ڪندو، باقي پئسا منهنجي پگهار مان وصول ڪيا وڃن. جنهن مان صرف 10 هزار روپيه ورتا وڃن ته جيئن مان به پنهنجي ٻارن جو پيٽ ڀري سگهان. اڄ اهڙي ماحول جا ڪجهه ماڻهو ذميوار آهن انهن کي سڀ خبر آهي ته ڇا ٿي رهيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں