73

نئين سال جي آمد: سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري تي جوتو اڇلايو ويو

ڪراچي: ڪراچي نئين سال جي آمد جي موقعي تي ڪوٺايل هڪ تقريب ۾ صحافين سان ڳالهين دوران هڪ شهري طرفان سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري تي جوتو اڇلايو ويو.
ڪراچي جي نمائش چورنگي وٽ نئين سال جي آجيان لاءِ ڪوٺايل آتشبازي جي تقريب ۾ سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري صحافين سان ڳالهائي رهيو هو ته هڪ شهري مٿس جوتو اڇلايو. خوشقسمتي سان اڇلايل جوتو گورنر کي نه لڳو، جوتو گورنر جي هٿن ويجهو اچي ڪريو، ان باوجود سنڌ جي گورنر ڳالهين جو عمل جاري رکيو.

ان موقعي تي سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ڳالهين جو عمل جاري رکيو. هن چيو ته نئين سال جي موقعي تي اهڙي حرڪت ڪندڙن کي معاف ڪريان ٿو. تقريب ۾ گورنر سان گڏ خالد مقبول صديقي، ايڊمنسٽريٽر سيف الرحمان به موجود هئا. سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري طرفان نمائش چورنگي تي نئين سال جي خوشي ۾ ملهائجندڙ جشن ۾ ان وقت بدنظمي پيدا ٿي وئي جڏهن پوليس سنڌ جي گورنر جي پهچڻ کان اڳ آتشبازي لاءِ آندل سامان ضبط ڪري ڇڏيو.
سنڌ جي گورنر جي نمائش چورنگي پهچڻ کان پوءِ ان جي پروٽوڪول عملي طرفان پوليس سان ڳالهين کان پوءِ آتشبازي جو سامان واپس ڪيو ويو جنهن کان پوءِ نمائش چورنگي تي نئين سال جي خوشي ۾ زبردست آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو جنهن کي ڏسڻ لاءِ شهرين جو وڏو انگ پڻ موجود هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں