65

مايوس ڪندڙ صورتحال باوجود 2023 جون چونڊون تحريڪ انصاف کٽيندي: عمران خان

اسلام آباد: اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ملڪ ۾ مايوس ڪندڙ صورتحال باوجود پر اميد آهيون ته 2023 جون چونڊون تحريڪ انصاف ئي کٽيندي.
نئين سال جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو ته سال 2022 ۾ بهترين ڪارڪردگي واري حڪومت کي سازش تحت هٽائي ملڪ کي ڏوهارين جي حوالي ڪيو ويو. موجوده مايوس ڪندڙ صورتحال جي باوجود پراميد آهيان ته 2023 جون چونڊون پي ٽي آءِ ئي کٽيندي.

2023 جي شروعات جي موقعي تي پي ٽي آءِ چيئرمين پنهنجي تصوير جاري ڪندي هڪ پوسٽ جاري ڪئي جنهن ۾ لکيو ته سال 2022 هڪ ئي وقت بهترين ۽ بدترين به هو. ذاتي مفادن لاءِ هڪ سازش ذريعي بهترين معاشي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ حڪومت کي هٽايو ويو ۽ پاڪستان کي ڏوهارين جي هڪ گروپ حوالي ڪيو ويو.
عمران خان لکيو ته ان گروپ ملڪ جي معيشت کي تباهه ڪيو. هنن پاڻ کي اين آر او 2 ڏنو ۽ نيب قانون ۾ ترميم ذريعي سمورن وائٽ ڪالر ڪرمنلز لاءِ ڦر مار جا دروازا کوليا ويا.
2022 جي حوالي سان پي ٽي آءِ چيئرمين لکيو ته هي سال بهترين ائين هو ته ان سال دوران مون سمورن پاڪستانين کي هڪ قوم بڻجندي ڏٺو. اليڪشن ڪميشن جي مڪمل پٺڀرائي سبب ملڪ جي سمورين سياسي پارٽين گڏ ٿي تحريڪ انصاف خلاف معمولي عوامي حمايت ڪئي پر ان باوجود به 75 سيڪڙو ضمني چونڊن ۾ تحريڪ انصاف ڪامياب رهي ۽ ان پاڻ کي صحيح معنيٰ ۾ هڪ قومي پارٽي جي طور تي منظم ڪيو.
عمران خان ان عزم جو اظهار ڪيو ته اڄڪلهه قومي منظر نامي تي خاص طور تي ڏيوالپڻي جي امڪانن سبب ڇانيل مايوسي باوجود منهنجو رب جي ذات تي ايمان ۽ پنهنجي قوم تي ڀروسو آهي ته تحريڪ انصاف بنا ڪنهن شڪ جي 2023 جون چونڊون کٽي هڪ مضبوط حڪومت قائم ڪندي ۽ پاڪستان کي بحرانن جي ان ڌٻڻ جنهن ۾ امپورٽڊ سرڪار ۽ ان جي سرپرستن ملڪ کي ڌڪيو آهي ان کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ نيون اصلاحون متعارف ڪرائينداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں