98

نئين سال جي موقعي تي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هوائي فائرنگ، 22 ڄڻا زخمي

ڪراچي: نئين سال جي موقعي تي ڪراچي ۾ پوليس جي سخت چيڪنگ باوجود مختلف علائقن ۾ هوائي فائرنگ سبب گوليون لڳڻ سبب هڪ معصوم ٻار ۽ عورتن سميت 22 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
نئين سال جي موقعي تي ڪراچي ۾ پهريون واقعو صدر ۾ سينٽ پيٽرڪس اسڪول ويجهو پيش آيو جنهن کان پوءِ گارڊن، عثمان آباد، لائٽ هائوس ڪمپائونڊ، سول اسپتال ويجهو راجه مينشن، نارٿ ناظم آباد، حسين آباد، ناظم آباد، لياقت آباد، فائيو اسٽار چورنگي، ڪشمير ڪالوني، کهارا در، الآصف اسڪوائر، عيد گاهه، سومرا گهٽي ۽ ٻين علائقن ۾ رات دير تائين عباس شهيد اسپتال، سول اسپتال ۽ جناح اسپتال ۾ زخمين کي آڻڻ جو سلسلو جاري رهيو.

ڪراچي پوليس نئين سال جي موقعي تي هوائي فائرنگ جي واقعن ۾ ملوث جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪندي ٻن پوليس اهلڪارن سميت 17 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. ايس پي گلشن ڊويزن سليم شاهه موجب گلشن پوليس ڪارروائي ڪندي هوائي فائرنگ ۾ ملوث 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
سليم شاهه ٻڌايو ته ٻن جوابدارن کي گلشن اقبال، جڏهن ته هڪ کي شاهراهه فيصل تان گرفتار ڪيو ويو آهي. گرفتار جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف ايس ايس پي سٽي موجب سٽي ڊسٽرڪٽ ۾ فائرنگ ڪندڙ ٻن پوليس اهلڪارن کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس طرفان هوائي فائرنگ جي واقعن ۾ ملوث 17 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس ڪارروائين دوران سٽي ڊسٽرڪٽ مان 11، ڊسٽرڪٽ ايسٽ مان 3 جڏهن ته ڊسٽرڪٽ ڪورنگي مان به 3 جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو.
ڇيپا ذريعن موجب ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هوائي فائرنگ سبب زخمي ٿيندڙ ماڻهن کي ڇيپا ايمبولينس ذريعي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب هوائي فائرنگ جي واقعن ۾ زخمي ٿيندڙن مان 8 ڄڻن کي سول اسپتال، 4 کي جناح جڏهن ته 10 ڄڻن کي طبي امداد لاءِ عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں