60

صدر اسلام آباد لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل سندس صحيح کانسواءِ واپس موڪلي ڇڏيو

اسلام آباد: صدر اسلام آباد لوڪل گورنمينٽ (ترميمي) بل آئين جي آرٽيڪل 75 جي شق (1) (بي) تحت سندس صحيح کانسواءِ واپس ڪري ڇڏيو.

ايوان صدر مان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته بل سان مڪاني چونڊون ملتوي ٿينديون، وفاقي حڪومت جي تڪڙي قدمن جي نتيجي ۾ چونڊ عمل ۾ ٻه ڀيرا دير ٿي، جيڪو جمهوريت لاءِ مثبت ناهي.

صدر چيو ته وفاقي حڪومت جي غلط قدمن سبب اسلام آباد ۾ چونڊون نه ٿي سگهيون، 50 يونين ڪائونسلن جي تڪ بندين جو عمل مڪمل ٿي ويو، اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ 31 جولاءِ تي مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو.

ايوان صدر چيو ته پولنگ جي تاريخ جو اعلان ٿيڻ باوجود وفاقي حڪومت يونين ڪائونسلن جو انگ 50 مان وڌائي 101 ڪري ڇڏيو، شٽ ڊائون کانپوءِ اليڪشن ڪميشن اسلام آباد ۾ 31 ڊسمبر تي چونڊون ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو.

اسپيڪر چيو ته موجوده بل جي سيڪشن 2 ۾ اسلام آباد جي 125 يونين ڪائونسلن جو ذڪر آهي، موجوده بل سبب 31 ڊسمبر تي ٿيندڙ چونڊون ملتوي ڪيون ويون آهن، بعد ۾ ميئر ۽ ڊپٽي ميئر جي چونڊ جو طريقو تبديل ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں