66

ڪابل ۾ فوجي ايئرپورٽ ٻاهران ڌماڪي ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا

ڪابل: افغانستان جي راڄڌاني ڪابل ۾ فوجي ايئرپورٽ ٻاهران زوردار ڌماڪي جي نتيجي ۾ ڪيترائي ڄڻا مارجي ويا ۽ ڪيترن ئي زخمي ٿيڻ جا اطلاع آهن.

پرڏيهي خابرو اداري موجب افغان گهرو وزارت جي ترجمان ڌماڪي جي تصديق ڪئي آهي پر ڌماڪي جي نوعيت نه ٻڌائي آهي.

عبدالنفي ٿڪر چيو ته ڪابل ملٽري ايئرپورٽ ٻاهران ڌماڪي ۾ اسان جا ڪيترائي بيگناهه شهري شهيد ۽ زخمي ٿيا آهن.

واقعي جو اطلاع ملندي ئي ريسڪيو ادارن ۽ سڪيورٽي فورسز واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي ڪڙو چاڙهي علائقي کي سيل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سمورا رستا بند ڪيا ويا.

اکين ڏٺن شاهدن موجب ڌماڪو صبح ساڍي 8 وڳي ايئرپورٽ ڪمپليڪس جي فوجي علائقي ۾ ٿيو.

امدادي ڪارڪنن فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڪيترن ئي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جنهن سبب فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي.

جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سڪيورٽي فورسز پاران علائقي کي ڪڙو چاڙهي سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي. واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ ڌماڪي جي نوعيت معلوم ڪئي پئي وڃي. اڃان تائين ڪنهن به تنظيم ڌماڪي جي ذميواري قبول نه ڪئي آهي.

ياد رهي ته داعش تازو افغانستان ۾ ڪيترائي حملا ڪيا آهن، جن ۾ پاڪستاني ۽ روسي سفارتخانن کي به نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته اڳوڻي افغان وزيراعظم جي آفيس تي به حملو ڪيو ويو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں