111

لاڙڪاڻو مان مبينا اغوا ٿي ويل 5 ورهين جي نينگري جي بازيابي لاءِ وارثن جو احتجاج

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي شهر جي وليد ٿاڻي جي حد ميروخان چوڪ واري علائقي مان 4 ڏينهن اڳ مبينا اغوا ٿيل 5 ورهين جي نينگري بسمه جاگيراڻي جي بازيابي لاءِ وارثن ايس ايس پي چوڪ وٽ ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو جنهن ڪري ٽريفڪ جام ٿي وئي جتي هنن پوليس خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي نينگري پيءُ محمد فاروق جاگيراڻي پنهنجي وارثن ارشاد علي جاگيراڻي، عنايت الله جاگيراڻي ۽ ٻين سان گڏجي دانهيندي چيو ته گذريل 28 ڊسمبر جي ڏينهن صبح 10 هين وڳي منهنجي ڌيءَ بسمه جاگيراڻي گهران نڪرڻ بعد گم ٿي ٿي ۽ ڳولا باوجود هٿ نه اچي سگهي بعد ۾ اسان پاڙي مان سي سي ٽي وي فوٽيجز هٿ ڪيا جنهن ۾ ٻه عورتون ڌيءَ کي اغوا ڪري کڻي وڃي رهيون آهن اهڙا فوٽيجز وليد پوليس کي ڏنا پر پوليس 4 ڏينهن گذرڻ باوجود ڌيءَ جو ڏس پتو نه لڳائي سگهي آهي جنهن ڪري اسين سمورا گهرڀاتين سخت پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا آهيون مجبور ٿي اسان ايس پي چوڪ تي ڌرڻو هنيو آهي. هنن ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي اپيل ڪئي ته ڌيءَ کي بازياب ڪرائي ڇانيل بيچيني ختم ڪئي وڃي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں