67

ڪراچي ۾ داخل ڪيسن ۾ شهباز گل کي گرفتار نه ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي:سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي ۾ داخل ڪيسن ۾ پوليس کي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گل کي گرفتار ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ قومي ادارن خلاف توهين آميز بيان ڏيڻ تي شهباز گل خلاف ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

شهباز گل جي وڪيلن چيو ته هنن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سنڌ اندر داخل ڪيسن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ لاءِ درخواست داخل ڪئي آهي، درخواست تي حتمي فيصلو اچڻ تائين پوليس کي شهباز گل جي گرفتاري کان روڪيو وڃي.
شهباز گل جي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته منهنجي خلاف سرجاني ٽائون، برگيڊيئر ۽ رضويه ٿاڻن ۾ ڪيس داخل آهن، عدالت پوليس ۽ پراسيڪيوشن کان شهباز گل خلاف ڪراچي ۾ داخل ڪيسن جا تفصيل طلب ڪري ورتا آهن، ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. منهنجي بيان جي حوالي سان لاهور جي ٿاڻي مانگا منڊي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
پنهنجي درخواست ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته صغرا بائي ڪيس جي روشني ۾ هڪ واقعي جو رڳو هڪ ڪيس داخل ٿي سگهي ٿو، ان ڪري ڪراچي ۾ داخل ڪيل ڪيس ڪالعدم قرار ڏنا وڃن.
سنڌ هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ جي درخواست منظور ڪندي پوليس کي شهباز گل کي گرفتار ڪرڻ کان روڪيندي چيو ته ڪراچي ۾ داخل ٽن ڪيسن ۾ شهباز گل کي گرفتار نه ڪيو وڃي، عدالت آءِ جي سنڌ ۽ ٻين کي 12 جنوري لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں