71

فواد چوڌري کي اڄ منهنجو قانوني نوٽيس ملندو: شرجيل ميمڻ

حيدرآباد: سنڌ جي سڌ سماءَ واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته منهنجو قانوني نوٽيس اڄ فواد چوڌري کي ويندو.
اهڙو اظهار سنڌ جي اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.
هنن چيو ته پي ٽي آءِ وارن بلاول ڀٽو جي ريڊاري خلاف ڪوڙ ڳالهايو، اسان پي ٽي آءِ جي ڪنهن ايم اين اي ۽ ايم پي اي سان رابطو ناهي ڪيو.
شرجيل ميمڻ چيو ته عمران خان کي آئيني طور اقتدار تان هٽايو ويو، پي ٽي آءِ وارا انتظار ڪري رهيا آهن ته پنجاب ۾ منهنجي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائي.
هن وڌيڪ چيو ته اها وڊيو ليڪ ٿي آهي، جنهن ۾ عمران خان ميمبرن کي خريد ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، تحريڪ انصاف جو رويو هميشه غير جمهوري رهيو آهي.
سنڌ جي اطلاعات واري وزير اهو به چيو ته توهان وٽ نمبر نه هئا ۽ بل پاس ٿيا، سڀ کان وڌيڪ صدارتي آرڊيننس پي ٽي آءِ حڪومت ۾ آيا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں