71

فيصل واوڊا پاران خالي ڪيل سينيٽ جي سيٽ تي چونڊ شيڊول جاري

اسلام آباد:پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳوڻي اڳواڻ فيصل واوڊا طرفان خالي ڪيل سينيٽ جي سيٽ تي چونڊ شيڊول جو اعلان ڪيو ويو.
اليڪشن ڪميشن فيصل واوڊا پاران خالي ڪيل سيٽ تي چونڊ شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ مان سينيٽ جي جنرل سيٽ فيصل واوڊا جي استعيفيٰ سبب خالي ٿي هئي.
اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته سينيٽ جي سيٽن لاءِ نامزدگي ڪاغذ 5 کان 7 جنوري تائين جمع ڪرايا ويندا، نامزدگي ڪاغذن جي ڇنڊڇاڻ 12 جنوري تي ٿيندي.
اليڪشن ڪميشن موجب نامزدگي ڪاغذ 20 جنوري تائين واپس وٺي سگهجن ٿا ۽ ووٽنگ 25 جنوري تي سنڌ اسيمبلي جي عمارت ۾ ٿيندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں