87

دمشق ايئرپورٽ تي اسرائيل جو ميزائل حملو، 2 شامي فوجي مارجي ويا

دمشق: شام ۾ اسرائيلي حملي ۾ ٻه شامي فوجي مارجي ويا.
پرڏيهي ميڊيا موجب شامي فوج تصديق ڪئي آهي ته اسرائيل طرفان ملڪ جي هڪ اهم بين الاقوامي هوائي اڏي تي ميزائل فائر ڪيا ويا، جنهن جي نتيجي ۾ 2 شامي فوجي مارجي ويا.

شامي فوج جو چوڻ آهي ته دمشق ۾ اسرائيلي فوج پاران نشانو بڻيل ايئرپورٽ غير فعال آهي، ايئرپورٽ ۽ ان جي ڀرپاسي تي آچر ۽ سومر جي وچ ۾ حملو ڪيو ويو.
شامي فوج موجب اسرائيلي حملي جي نتيجي ۾ 2 فوجي مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڪجهه سهولتن کي به نقصان پهتو پر ايئرپورٽ غير فعال هجڻ سبب ڪوبه جاني نقصان نه ٿيو.
شام ۾ ڪم ڪندڙ انساني حقن جي تنظيم جو چوڻ آهي ته اسرائيلي حملي ۾ ايئرپورٽ ۽ ان جي ويجهو هڪ هٿيارن جي ڊپو کي نشانو بڻايو ويو، هي هٿيارن جو ڊپو ڏکڻ دمشق جي ويجهو آهي، جڏهن ته حملي ۾ ڪل 4 ڄڻا مارجي ويا.
ميڊيا رپورٽن موجب هڪ سال اندر دمشق انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي اسرائيل جو هي ٻيو حملو آهي پر اسرائيل ان حوالي سان ڪوبه باضابطا بيان جاري نه ڪيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں