94

فلم ”ڪچھ ڪجهه هوتا هي“ جي چائلڊ اسٽار انجلي مڱڻي ڪري ورتي

لاس اينجلس: شاهه رخ خان ۽ ڪاجول جي مشهور فلم ”ڪچھ ڪجهه هوتا هي“ ۾ انجلي جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪاره ثنا سعيد مڱڻي ڪري ورتي.

ڀارتي اداڪارا ثنا سعيد، جنهن فلم ڪچهه ڪچهه هوتا هي ۾ شاهه رخ خان جي ڌيءَ جو ڪردار ادا ڪيو هو، پنهنجي ويجهي دوست ۽ هالي ووڊ سائونڊ ڊيزائنر صبا ويگنر سان مڱڻي ڪري ورتي.

اداڪارا فوٽو اينڊ وڊيو شيئرنگ ايپ انسٽاگرام تي پنهنجي مڱڻي جون تصويرون ۽ وڊيوز پوسٽ ڪيون، جنهن ۾ اداڪارا جي منڱيندي کيس پروپوزل ڪندي ڏسي سگهجي ٿي.

بالي ووڊ انڊسٽري جون مشهور شخصيتون ۽ اداڪارا جا مداح سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪري رهيا آهن.

ياد رهي ته بالي ووڊ ۾ چائلڊ اسٽار طور فلم ڪچه ڪچههه هوتا هي مان ڊيبيو ڪندڙ اداڪارا ثنا سعيد مشهور فلمن ’اسٽوڊنٽ آف دي ايئر‘ ۽ ’فگلي‘ ۾ به ڪردار ادا ڪري چڪي آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں