82

ڀارتي شهري ڪورونا وائرس سبب فوت ٿي ويل پنهنجي زال جو مجسمو ٺاهي ڇڏيو

ڪولڪتا جي هڪ شهري پنهنجي زال جو سلڪون مجسمو ٺاهڻ لاءِ اڍائي لک رپيا خرچ ڪري ڇڏيا.

ڀارتي ميڊيا موجب سلڪون مجسمي کي ٺاهڻ ۾ 6 مهينن کان وڌيڪ وقت لڳي ويو آهي، جنهن کي گهر ۾ صوفي تي ٺاهيو ويو آهي، جيڪا فوت ٿيل عورت جي پسنديده ويهڻ جي جڳهه هئي.

65 سالن جي پوڙهي مڙس پنهنجي زال جي خواهش پوري ڪندي مجسمو ٺاهيو، جيڪو به گهر ايندو آهي اهو حيرت ۾ پئجي ويندو آهي ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ڪا زنده عورت ويٺي هجي.

ياد رهي ته تاپس سنديليا جي زال اندراني ڪورونا وائرس جي ٻئي لهر دوران فوت ٿي وئي هئي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں