73

بجلي بچت پاليسي منظور: ملڪ ۾ مارڪيٽون ساڍي 8 وڳي ۽ شادي هالز رات 10 وڳي بند ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد:حڪومت بجلي جي بچت پاليسي کي منظور ڪندي سموري ملڪ جون مارڪيٽون ساڍي اٺين وڳي جڏهن ته شادي هال رات 10 وڳي بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
وفاقي ڪابينه جي اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي دفاع واري وزير خواجه آصف چيو ته سرڪاري ادارن ۾ بجلي جي استعمال ۾ 30 سيڪڙو گهٽتائي آندي ويندي. ان منصوبي سان ساليانو 62 ارب روپين جي بچت ٿيندي.

خواجه آصف چيو ته سموري دنيا ۾ جنهن وقت آفيسون ۽ مارڪيٽون بند ٿينديون آهن پاڪستان جي روٽين ان کان مختلف آهي. هتي مارڪيٽون ۽ هوٽلون رات جو هڪ کان 2 وڳي تائين کليل رهنديون آهن. آفيسن جو به اهوئي حال آهي. اسان کي پنهنجي روٽين واري زندگي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان جون عادتون دنيا کان مختلف آهن.

هن چيو ته پهرين جولاءِ کان پوءِ بجلي سان هلندڙ پکا تيار نه ڪيا ويندا. اسان گرمين ۾ 29 هزار ميگاواٽ بجلي استعمال ڪندا آهيون. 17 هزار ميگاواٽ بجلي سياري جي نسبت گهٽ استعمال ڪندا آهيون. سياري ۾ اسان 12 هزار ميگاواٽ بجلي استعمال ڪندا آهيون. گرمي کان بچڻ جي لاءِ اسان 19 هزار ميگاواٽ بجلي استعمال ڪندا آهيون. جنهن ۾ صرف پکا، 12 هزار ميگاواٽ بجلي استعمال ڪندا آهن. پرگرام ٺاهي رهيا آهيون ته بجلي گهٽ کان گهٽ استعمال ٿيندا. اسان ان سلسلي ۾ هڪ پروگرام تي عمل ڪري رهيا آهيون ته پکن ۾ بجلي جو استعمال گهٽ کان گهٽ ڪيو وڃي.
خواجه آصف چيو ته پهرين فيبروري کان فليمنٽ وارا بلب تيار نه ٿيندا ان سان 22 ارب روپين جي بچت ٿيندي. جڏهن ته سمورا سرڪاري ادارا بجلي جي بچت لاءِ ايفيشيننٽ آلات لڳائيندا. غير موثر آلات مٿان پابندي لڳائي وئي آهي.
موٽر سائيڪلن جي استعمال تي خواجه آصف چيو ته ساليانو 3 ارب ڊالر جو تيل موٽر سائيڪلن ۾ استعمال ڪيو پيو وڃي. جنهن تي ڪابينه اهو به فيصلو ڪيو آهي ته سموري ملڪ ۾ اليڪٽرڪ بائيڪس متعارف ڪرايون وينديون ان تي عمل جاري آهي. گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ۾ وفاقي وزيرن چيو ته نئين توانائي پاليسي سان آگاهي لاءِ ريڊيو ۽ ٽي وي تي به مهم هلائي ونيدي ته جيئن عوام حڪومتي فيصلن کان آگاهه ٿي سگهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں