60

مريم نواز مسلم ليگ(ن) جي سينئر نائب صدر مقرر نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد:مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف مريم نواز کي پارٽي جو چيف آرگنائيزر مقرر ڪري ڇڏيو.
مسلم ليگ(ن) جي ترجمان ۽ وفاقي وزير مريم اورنگزيب طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف پارٽي جي تنظيمي فيصلي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. جنهن کان پوءِ کيس پارٽي جي نئين تنظيم جي ذميواري ڏني وئي آهي.

پارٽي صدر جي حيثيت سان شهباز شريف مريم نواز جي بحيثيت چيف آرگنائيزر مقرري جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي. چيف آرگنائيزر جي حيثيت سان مريم نواز پنهنجي پارٽي جي نئين سري سان تنظيم سازي ڪندي.

مريم نواز پنهنجي والد نوازشريف جي ٽئين دور حڪومت ۾ سياست ۾ قدم رکيو هو کيس ڪوبه عهدو نه ڏنو ويو هو. مئي 2019 ۾ مسلم ليگ(ن) جي نئين سري سان تنظيم سازي ڪئي وئي هئي جنهن ۾ اڳواڻن کي مختلف پارٽي عهدن سان نوازيو ويو هو.

ان وقت مريم نواز کي پهريون ڀيرو باقاعده طور تي پارٽي عهدي سان نوازيو ويو هو. ان وقت کان هينئر تائين هو پارٽي جي صدر جي حيثيت سان ذميواريون نڀائي رهي آهي. نوٽيفڪيشن ن ليگ جي صدر شهباز شريف جي صحيح سان جاري ڪيو ويو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں