54

وفاقي ڪابينه دوائن جون قيمتون 30 سيڪڙو گهٽ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد: وفاقي ڪابينه دوائن جون قيمتون 30 سيڪڙو گهٽ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.
صحت واري وزارت جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب وفاقي ڪابينه 20 دوائن جون قيمتون گهٽ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي جنهن کان پوءِ انهن دوائن جون قيمتون 30 سيڪڙو گهٽ ڪيون وينديون.

صحت بابت وفاقي وزير عبدالقادر پٽيل چيو آهي ته بلڊ پريشر، ڪينسر ۽ اکين جي بيمارين ۾ استعمال ٿيندڙ دوائن جون قيمتون گهٽ ڪيون ويون آهن. مختلف بيمارين ۾ استعمال ٿيندڙ دوائن جون قيمتون گهٽ ٿيڻ سان عوام کي رليف ڏيڻ هڪ ٻيو قدم آهي.

وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته ڪابينه جي اجلاس ۾ 54 نئين دوائن جون قيمتون مقرر ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي آهي. اهي نيون دوائون ڪينسر ۽ مختلف بيمارين ۾ استعمال ٿينديون. ماضي ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت دوائن جي قيمتن ۾ 700 سيڪڙو تائين واڌ ڪئي هئي.

هن چيو ته ڊريپ ۾ ميرٽ ۽ شفافيت جي نظام کي هٿي ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيون. عوام جي فلاح ۽ بهبود لاءِ معياري دوائن جي فراهمي کي يقيني بنائڻ اسان جي اولين ترجيح آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں