75

وسيلا گهٽ آهن، ٻوڏ متاثرين جي مڪمل بحالي لاءِ ڪجهه وقت لڳندو: بلاول ڀٽو

دادو: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو آهي ته پاڪستان ۾ تازي آيل ٻوڏ تاريخي هئي. اڄ ڏينهن تائين ٻوڏ متاثر مشڪل صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن. گڏيل قومن کان وٺي شرم الشيخ تائين سموري دنيا چئي رهي آهي ته پاڪستان ٻوڏ جي پاڻي ۾ ٻڏي ويو.
بلاول ڀٽو چيو ته اسان قدرتي آفتن کي منهن ڏئي رهيا آهيون. سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪجهه علائقن ۾ اڃان تائين پاڻي موجود آهي. جتان کان پاڻي نڪري چڪو آهي اتي تباهي ئي تباهي نظر اچي رهي آهي. زراعت ۽ گهرن سميت هر شعبي ۾ بحران پيدا ٿي ويو آهي. صحت جو انفرا اسٽرڪچر سخت متاثر ٿيو آهي. صرف سنڌ ۾ نه پر ٻين علائقن ۾ به تعليم کي نقصان پهتو آهي. سنڌ ۾ 50 سيڪڙو تعليمي ادارا تباهه آهن.

پرڏيهي وزير چيو ته اسان 2010 جي به ٻوڏ ڏٺي پر 2022 جي ٻوڏ گهڻو ڪجهه متاثر ڪيو. ٻوڏ متاثرين اڃان تائين کليل آسمان هيٺ ويٺل آهن، سندن بحالي جي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون. پ پ چيئرمين چيو ته ٻوڏ متاثرين جي بحالي لاءِ اسان کي ڪجهه وقت ضرور لڳندو پر اسان جا ارادا مضبوط آهن ٻوڏ متاثرين جي بحالي کان پوءِ کين گهر به ٺاهي ڏينداسين.

بلاول چيو ته اسان موسمياتي تبديلي بابت پاڪستان جو موقف سڄي دنيا آڏو پيش ڪيو، ٻوڏ متاثرين جي بحالي، گهرن جي تعمير ۽ نقصانن جي ازالي لاءِ ورلڊ بئنڪ کان رقم منظور ڪرائي. سنڌ جي وڏي وزير ٻوڏ متاثرين جي لاءِ ڪيترائي پروگرام شروع ڪيا آهن. سنڌ حڪومت جي زمين تي رهندڙن کي ان جو مالڪ بنائي ڇڏينداسين.

وفاقي وزير چيو ته ڪورونا دوران سموريون شيون وساري اسان عمران خان کي چيو ته اوهان وزيراعظم آهيو، اسان اوهان سان گڏ آهيون. ٻوڏ صورتحال دوران اسان جي سياسي مخالفن سنڌ، ڏکڻ پنجاب، خيبرپختونخواهه، ڪوهستان ۽ گلگت بلتستان ۾ مدد ڪرڻ بجاءِ پنهنجي سياست جاري رکي. ملڪ ۾ ٻوڏ جي صورتحال هئي پر پي ٽي آءِ جو لانگ مارچ هلندو رهيو. هن چيو ته پي ٽي آءِ جا ميمبر استعيفيٰ قبول نه ڪرڻ لاءِ اسپيڪر جي پيرن تي ڪري رهيا آهن. جڏهن وقت ايندو آهي ته شاهه محمود قريشي ۽ پرويز خٽڪ به غائب ٿي ويا آهن. پي ٽي آءِ وارا پارليامينٽ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن.
ايم ڪيو ايم پاڪستان سان اختلافن تي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ايم ڪيو ايم سان ملي اسان ڪافي شيون حاصل ڪيون آهن. اسان جا پاڻ ۾ اختلاف رهيا آهن ۽ رهندا پر مان چاهيان ٿو ته اسان اختلافي معاملا نه ڳوليون پر اهو ڏسون ته ڪهڙين شين تي اسان ملي ڪم ڪري سگهون ٿا.
پ پ چيئرمين چيو ته ايم ڪيو پاڪستان سان اسان جو معاهدو آهي، اسان جي ڪوشش آهي ته مڪاني نظام کي مضبوط ڪريون. ان مسئلي تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته مون کي سياسي نقصان جي فڪر ناهي. چونڊون ٿينديون رهنديون آهن ۽ ان ۾ هار جيت به ٿيندي رهندي آهي. مسئلو اهو آهي ته انتظامي معاملا پريشان ڪندڙ آهن. اسان کي پارٽي اندر سخت دٻاءُ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. سنڌ ۾ پهرين مرحلي ۾ مڪاني چونڊون ٿي ويون پر اهي حلف نه کڻي سگهيا، جيڪڏهن اهي حلف کڻن ها ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ پنهنجن ماڻهن جي مدد ڪري سگهيا ٿي.
پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن 6 مهينا عمران خان جي حڪومت نٿي رهي ته ان سان ڪهڙو مسئلو آهي. عمران خان جي ٻيهر چونڊن جي ضد پوري نه ٿيندي. عمران خان جي سياست ملڪ کي نقصان ڏنو آهي. ڪوڙ، نفرت، ڀڃ ڊاهه جي سياست ملڪ کي نقصان پهچائيندي آهي. ٻوڏ کان اڳ نالائق، نااهل وزيراعظم کي ڪڍڻ خوش قسمتي هئي. عمران خان بطور هڪ وزيراعظم جي طور تي ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو نه ڪيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں