60

ايم ڪيو ايم جا خدشا: آصف زرداري پارٽي اڳواڻن سان صلاح مشوري لاءِ وقت گهري ورتو

ڪراچي:مڪاني چونڊن ۽ تڪ بندين بابت ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مطالبي تي اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي. ذريعن موجب مڪاني چونڊن ۽ تڪ بندين بابت ايم ڪيو ايم پاڪستان جي مطالبي تي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري پارٽي اڳواڻن سان صلاح مشوري جي لاءِ وقت گهري ورتو آهي.
ذريعن موجب اڳوڻي صدر ايم ڪيو ايم کي يقين ڏياريو آهي ته ٻن کان ٽن ڏينهن ۾ معاملو حل ڪيو ويندو. ذريعن موجب آصف زرداري چيو آهي ته ايم ڪيو ايم اسان جي اتحادي آهي ۽ رهندي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن بلاول هائوس ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم سميت ٻين حڪومتي اتحادين جي ملاقات ٿي جنهن ۾ وفاقي وزير راڻا ثناءُالله، ملڪ احمد خان، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه ۽ شرجيل ميمڻ شريڪ ٿيا.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں