68

رياست جي رٽ چئلينج ڪندڙ دهشتگردن کي چِٿي ڇڏينداسين، امن امان تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو: وزيراعظم

اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته رياست جي رٽ چئلينج ڪندڙ دهشتگردن کي چِٿي ڇڏينداسين ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو، دهشتگردي برداشت ڪرڻ جوڳي نه آهي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف گذريل ڏينهن قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس جي فيصلن بابت ٻڌائيندي چيو آهي ته اين ايس سي ڪيترن ئي ڪلاڪن جي ڊگهي مشاورت کان پوءِ اهم فيصلا ڪيا آهن جن ۾ 2 فيصلا اهم آهن.

وزيراعظم چيو ته رياست جي رٽ چئلينج ڪندڙ دهشتگردن خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي تي عمل ڪيو ويندو. اقتصادي روڊ ميپ سان معيشت بحال ٿيندي ۽ عوام کي وڏو رليف ملندو. دهشتگردي کي برداشت نه ڪرڻ جوڳو قرار ڏيندي وزيراعظم ٻڌايو ته اجلاس ۾ طئي ڪيو ويو آهي ته پاڪستان جي رٽ چئلينج ڪندڙن دهشتگردن کي ڪنهن به صورت ۾ بخش نه ڪيو ويندو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں