56

باجوڙ ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ ئي خاندان جي 5 ٻارن سميت 6 ڄڻا فوت

باجوڙ: باجوڙ ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 6 ڄڻا فوت ٿي ويا. پوليس موجب اهو افسوسناڪ واقعو باجوڙ جي علائقي صدر واري هنڌ عيد گاهه ويجهو پيش آيو جتي گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 6 ڄڻا فوت جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن سميت 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا. فوت ٿي ويندڙ 6 ڄڻن جو تعلق هڪ ئي خاندان سان آهي.
پوليس موجب فوت ٿي ويلن ۾ 5 ٻار به شامل آهن جڏهن ته ٻين 6 ڄڻن کي زخمي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. جن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

ريسڪيو ذريعن موجب اطلاع ملڻ تي ريسڪيو 1122 ايمبولينس، ڊيزاسٽر ويڪل ۽ ٻيون ٽيمون واقعي واري هنڌ پهتيون جنهن ملبي هيٺيان دٻيل 6 فوت ٿيلن ۽ زخمين کي ٻاهر ڪڍيو. زخمين کي شروعاتي طبي امداد ڏيڻ کان پوءِ ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال خار منتقل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته فوت ٿي ويلن جا لاش ضروري ڪارروائي کان پوءِ وارثن حوالي ڪيا ويا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں