67

اڳوڻو وزيراعظم عمران خان، فواد چوڌري ۽ اسد عمر ايندڙ ٻڌڻي تي پيش نه ٿيا ته گرفتاري وارنٽ جاري ڪنداسين: اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد: اي سي پي توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان، پي ٽي آءِ جي جنرل سيڪريٽري اسد عمر ۽ فواد چوڌري کي پيش ٿيڻ جي لاءِ آخري مهلت ڏئي ڇڏي.
اڳوڻي وزيراعظم عمران خان، اسد عمر ۽ فوادچوڌري خلاف توهين اليڪشن ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي ٿي ميمبر نثار دراني جي صدارت هيٺ 4 رڪني ڪميشن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. اليڪشن ڪميشن عمران خان، فواد چوڌري ۽ اسد عمر کي پيش ٿيڻ جو آخري موقعو ڏئي ڇڏيو.

وڪيل انور منصور چيو ته ايندڙ ٻڌڻي کان اڳ شوڪاز نوٽيس جو جواب جمع ڪرائي ڇڏيندس. اليڪشن ڪميشن پهريون ڀيرو ڪنهن کي توهين عدالت جو نوٽيس جاري ڪيو آهي. ميمبر نثار دراني چيو ته عمران خان، فواد چوڌري کي اڳ به توهين عدالت جا نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن.
ٻڌڻي دوران وڪيل ٻڌايو ته عمران خان جي طبيعت خراب آهي ان ڪري هو پيش نٿو ٿي سگهي، جڏهن ته فواد چوڌري جي به امڙ بيمار آهي. وڪيل طرفان عمران خان ۽ فواد چوڌري کي حاضري کان ڇوٽ ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي.
اليڪشن ڪميشن ڌرين کي 17 جنوري تائين شوڪاز نوٽيس جو جواب ڏيڻ جي هدايت ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻ 17 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں