68

پرويز الاهي جي ٽئين گهر واري کي ايف آءِ اي ٻيهر طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

لاهور: پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي مبينه ٽئين گهر واري سائره انور کي ايف آءِ اي ۾ پيش نه ٿيڻ تي ٻيهر طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب ايف آءِ اي طرفان طلبي تي پرويز الاهي جي مبينه ٽئين گهر واري سائره انور پيش نه ٿي سگهي. سندس وڪيل اطهر ڪياني ايف آءِ اي ۾ پيش ٿي وڌيڪ وقت طلب ڪري ورتو.

آمدني کان وڌيڪ اثاثن ۽ بينڪ اڪائونٽس ۾ ڪروڙين روپين جي رقم جمع ٿيڻ جي رپورٽ ملڻ کان پوءِ وفاقي جاچ اداري سائره انور خلاف جاچ شروع ڪندي کيس 3 جنوري تي طلب ڪيو هو پر سندس وڪيل ايف آءِ اي ۾ پيش ٿيندي موقف پيش ڪيو هو ته سائره انور نجي مصروفيتن سبب اڄ پيش نٿي ٿي سگهي ان ڪري وڌيڪ وقت ڏنو وڃي.
ذريعن موجب ايف آءِ اي جي ٽيم وڪيل جو لکت ۾ جواب وٺي پرويز الاهي جي مبينه ٽئين گهر واري سائره انور کي ٻيهر طلب ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ياد رهي ته سائره انور پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي مبينه ٽئين گهر واري آهي ۽ سندس اڪائونٽس ۾ ڪروڙين روپيه جمع آهن جڏهن ته سندس لاهور سميت ٻين شهرن ۾ گهريلو ڪمرشل پراپرٽي جو وڏو تعداد به سامهون آيو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں