60

آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ حڪومت جي مجبوري آهي، ڊالر ٻاهر اماڻي محل تيار ڪندڙ مني لانڊرنگ جو درس ڏئي رهيا آهن: عمران خان

لاهور: تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته حڪومت کي خبر آهي ته آءِ ايم ايف وٽ وڃن سندن مجبوري آهي ان کان سواءِ ٻيو ڪوبه حل نه آهي. ملڪ جو نالو ٻاهر اماڻي محل تيار ڪندڙ هن وقت مني لانڊرنگ جو درس ڏئي رهيا آهن.
لاهور ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته 2 خاندان 30 سالن کان ملڪ لٽي رهيا آهن. هن وقت ساڍا 7 لک پاڪستاني ملڪ ڇڏي چڪا آهن. هاڻ ته ڊپ پيو لڳي ته پاڪستان وڃي ڪيڏانهن پيو. گذريل 7 کان 8 مهينن ۾جيڪو ڪجهه ٿيو ان جي مثال نٿي ملي. پرڏيهي پاڪستاني به ملڪ جي اهڙي حالتن کان پوءِ مايوس ٿي چڪا آهن.

پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته مون ٻڌو آهي ته هي اجلاس ۾ چئي رهيا آهن ته ڊالر کي ٻاهر وڃڻ کان روڪڻو آهي. ايون فيلڊ، سري محل لاءِ ڊالر ٻاهر اماڻيندڙ مني لانڊر اڄ درس ڏئي رهيا آهن.

هن چيو ته مسلم ليگ(ن) تاريخ جو سڀني کان وڏو خسارو ڇڏي وئي، مسلم ليگ(ن) جي دور ۾ تيل جون قيمتون به گهٽ هيون. ان جي باوجود هي وڏو خسارو ڇڏي ويا. هنن جي دور ۾ ايڪسپورٽ به نه وڌي هئي، 30 سالن کان هن ملڪ تي 2 خاندانن قبضو ڪيو هو، ٻنهي خاندانن اهو ثابت ڪيو ته اهي ڪيترا ڪرپٽ آهن. ٻنهي خاندانن هڪ ٻئي مٿان ڪيس ٺاهيا. هنن ٻنهي خاندانن کي ملڪ مٿان ٻيهر مڙهڻ وڏو الميو آهي.

پي ٽي آءِ چيئرمين چيو ته آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ حڪومت جي مجبوري آهي. جيڪڏهن آءِ ايم ايف کان قرض وٺنداسين ته پنهنجا فيصلا نٿا ڪري سگهون. معيشت سياست سان جڙيل هوندي آهي. جڏهن اسان اقتدار سنڀاليو ته ملڪ ڊيفالٽ جي ويجهو هو، 9 اپريل تي اسان جي حڪومت خلاف سازش تيار ڪئي وئي.

اڳوڻي وزيراعظم چيو ته هي 2 خاندان صرف اقتدار ۾ ڪرپشن ڪرڻ لاءِ ايندا آهن، چونڊن کان علاوه ٻيو ڪو حل ناهي، ضمني چونڊن ۾ به عوام هنن کي رد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته چونڊن جو نالو ٻڌي هنن جون ٽنگون ڏڪڻ شروع ٿي وينديون. هنن ٻنهي خاندانن دنيا ۾ پاڪستان جو نالو بدنام ڪيو. 30 سال ملڪ ڦريندڙن کي ٻيهر مڙهڻ کان پوءِ مايوسي ڇانيل آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں