64

تڪراري ٽوئٽ ڪيس ۾ گرفتار پي ٽي آءِ سينيٽر اعظم سواتي ضمانت تي آزاد

اسلام آباد: تڪراري ٽوئٽ ڪيس ۾ گرفتار تحريڪ انصاف جي سينيٽر اعظم سواتي کي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو آهي.
رپورٽ موجب تڪراري ٽوئٽ ڪيس ۾ گرفتار پي ٽي آءِ سينيٽر اعظم سواتي کي عدالتي حڪم تي قانوني ڪارروائي مڪمل ڪرڻ کان پوءِ اڄ اسلام آباد جي سي آءِ اي سينٽر مان آزاد ڪيو ويو.
ان موقعي تي پي ٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن طرفان اعظم سواتي جو استقبال ڪيو ويو، کيس گلن جا هار پڻ پارايا ويا.
پي ٽي آءِ جي قانوني ٽيم ٻن لک روپين جا مچلڪا جمع ڪرايا ۽ رسيد کڻي وڪيل اسپيشل جج سينٽرل جي عدالت ۾ پيش ٿيا جتي جج اعظم سواتي جي آزادي جو حڪمنامو جاري ڪيو.

آزاد ٿيڻ کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي اعظم سواتي چيو ته پاڪ فوج بابت مان اهوئي چوندو آهيان جيڪو منهنجو اڳواڻ چوندو آهي.

اعظم سواتي چيو ته جن ماڻهن منهنجي مٿان ايف آءِ آر داخل ڪئي انهن ملڪ جي هر اداري کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. جسٽس عامر فاروق جي فيصلن تي پنهنجي ڪپتان سان ملاقات کان پوءِ ڳالهائيندس. ملڪ کي بچائڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته عمران خان جو ساٿ ڏيون. مان پي ٽي آءِ اڳواڻن کي چوندو آهيان ته جلسن واري سياست مان ٻاهر نڪرو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں