58

سنڌ حڪومت ڪراچي ۽ حيدرآباد جا ايڊمنسٽريٽرز مقرر ڪرڻ وارو حڪم معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو

ڪراچي: سنڌ حڪومت ايڊمنسٽريٽرز جي مقرري جو حڪم نامو معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
ذريعن موجب سنڌ حڪومت ڪراچي جي ضلعي شرقي، ڪورنگي ۽ حيدرآباد ميونسپل ڪارپوريشن جي ايڊمنسٽريٽرز جي مقرري جو حڪم نامو معطل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن جي تحت ٽنهي ايڊمنسٽريٽرز کي عهدن تان هٽايو ويندو.

ذريعن موجب سنڌ حڪومت ايڊمنسٽريٽرز کي هٽائڻ جي معاملي ۾ ايم ڪيو ايم کي به اعتماد ۾ وٺندي. اليڪشن ڪميشن ٽنهي آفيسرن جي مقرري کي ضابطن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو هو جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ان معاملي تي سڀاڻي سنڌ جي چيف سيڪريٽري ۽ مڪاني کاتن جي سيڪريٽري کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو آهي.
سنڌ لوڪل گورنمنٽ طرفان اڄ مقرري جا آرڊر ملتوي ڪري اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻڻ جو امڪان آهي. اليڪشن ڪميشن ٽنهي آفيسرن جي مقرري کي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو هو.
ياد رهي ته ايڊمنسٽريٽرز متحده قومي موومينٽ جي تجويز تي لڳايا ويا هئا. ايڊمنسٽريٽرز جي مقرري خلاف پي ٽي آءِ ۽ جماعت اسلامي اليڪشن ڪميشن سان رابطو ڪيو هو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں