90

ڪوشش آهي ته افغان سرزمين پاڪستان يا ڪنهن ٻئي ملڪ خلاف استعمال نه ٿئي: ذبيح الله

افغانستان ۾ طالبان حڪومت جي مرڪزي ترجمان ذبيح الله مجاهد هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪ افغان لاڳاپن جي حوالي سان بيان جاري ڪيو آهي.

ذبيح الله مجاهد جو چوڻ هو ته اسلامي امارت افغانستان پاڪستان سميت سمورن پاڙيسري ملڪن سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿي، گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ پاڪستاني عملدارن جا افغانستان خلاف بيان افسوسناڪ آهن.

هن چيو ته اسان جي ڀرپور ڪوشش آهي ته افغان سرزمين پاڪستان يا ڪنهن ٻئي ملڪ خلاف استعمال نه ٿئي، اسان ان مقصد لاءِ سنجيده آهيون.

هن وڌيڪ چيو ته اسلامي امارت پنهنجي ملڪ جي اندر امن ۽ استحڪام کي اهميت ڏئي ٿي، ان سان گڏوگڏ سڄي خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي خواهشمند آهي ۽ ان سلسلي ۾ پنهنجون ڪوششون جاري رکنديون.

واضح رهي ته گهرو وزير راڻا ثناءُ الله هڪ انٽرويو ۾ چيو هو ته جيڪڏهن افغانستان پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي ٺڪاڻن خلاف ڪارروائي نه ڪئي ته پاڪستان افغانستان ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي ٺڪاڻن کي نشانو بڻائي سگهي ٿو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں