73

نوري آباد پاور پراجيڪٽ ڪيس: مراد علي شاهه نيب آرڊيننس تحت بريت جي درخواست داخل

اسلام آباد: سنڌ جي وڏي وزير نوري آباد پاور پراجيڪٽ ڪيس ۾ بريت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي.
سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه نوري آباد پاور پراجيڪٽ ۾ مني لانڊرنگ ڪيس ۾ احتساب عدالت ۾ پيش ٿيو، جنهن دوران هن نيب ترميمي آرڊيننس تحت بريت جي درخواست داخل ڪئي.
سنڌ جي وڏي وزير طرفان داخل ڪرايل درخواست ۾ چيو ويو آهي ته نيب ترميمي آرڊيننس کانپوءِ ڪيس هاڻي نيب جي اختيار ۾ ناهي رهيو، ترميمي آرڊيننس کانپوءِ ان کي ريفرنس مان خارج ڪيو وڃي.
احتساب عدالت مراد علي شاهه جي درخواست تي نيب کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 12 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں