59

هن وقت نيون تڪ بنديون ٽيڪنيڪل آهن، قانوني صلاحون ڏئي رهيا آهيون: شرجيل ميمڻ

ڪراچي: سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته پيپلزپارٽي نئين تڪ بندين جي حوالي سان قانوني مشاورت ڪري رهي آهي.
هڪ بيان ۾ شرجيل ميمڻ چيو ته نيون تڪبنديون هن وقت ٽيڪنيڪل آهن ۽ هو ان کي ڏسي رهيا آهن، پيپلزپارٽي ان حوالي سان قانوني ماهرن سان مشاورت ڪري رهي آهي، جيترو سٺو جواب ايندو ته ايم ڪيو ايم کي آگاهه ڪيو ويندو.
صوبائي سڌ سماءَ واري وزير چيو ته ايم ڪيو ايم پنهنجا تحفظات سامهون رکيا آهن، انهن جا تحفظات دور ڪيا ويندا، آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي ۽ اليڪشن ڪميشن جي فيصلي تي عمل ڪنداسين.
شرجيل ميمڻ چيو ته ڪجهه شيون حڪومت جي هٿ ۾ آهن، ڪجهه شيون اليڪشن ڪميشن جي هٿ ۾ آهن ۽ ڪجهه شيون عدالت جي هٿ ۾ آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں