70

قوم تياري ڪري، چونڊن جو پيغام ڏئي ڇڏيو آهي، صرف شيڊول طئي ڪرڻو آهي: شيخ رشيد

راولپنڊي: عوامي مسلم ليگ جي سربراهه ۽ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته چونڊن جو پيغام ڏئي ڇڏيو آهي صرف شيڊول طئي ڪرڻو آهي. قوم چونڊن جي تياري ڪري وٺي.
سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئٽر تي پنهنجي پيغام ۾ اڳوڻي گهرو وزير شيخ رشيد چيو ته غريب ماڻهو وڌيڪ خراب حالتن جي لاءِ سندرا ٻڌي وٺي. 8 وڳي مارڪيٽون بند ڪرڻ تي حڪومت صوبن ۽ واپاري تنظيمن کي اعتماد ۾ وٺندي. حڪومت نه معاشي استحڪام آڻي سگهي نه ئي سياسي. نه ئي هاڻ پنهنجي تڪن ۾ وڃڻ جي قابل آهي.

هن چيو ته غلط فيصلن سان سمورو نقصان ن ليگ ۽ ان جي اتحادين جو ٿيو آهي. اسٽاڪ ايڪسچينج ۽ زرمبادله جا ذخيرا اڌ جڏهن ته مهانگائي ٽيڻي ٿي وئي آهي. اسان چونڊن جو پيغام ڏئي ڇڏيو آهي. شيڊول طئي ڪرڻو آهي. قوم چونڊن جون تياريون ڪري. چونڊن سان ئي سياسي ۽ معاشي استحڪام ايندو.
شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته پرڏيهي وزير ۽ گهرو وزير افغانستان جي معاملي تي سوچي سمجهي بيان ڏين. گهرو وزير ٻوڏ متاثر ٻارن سان تصويرون ڪڍرائڻ جي بجاءِ سندن مدد ڪري. اعظم سواتي جي آزادي خوشي جوڳو قدم آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں