59

حافظ نعيم سان خالد مقبول جي ملاقات، مڪاني چونڊن تي ڳالهيون

ڪراچي: جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان سان ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد خالد مقبول صديقي جي اڳواڻي ۾ ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن تي ڳالهيون ڪيون ويون.
ايم ڪيو ايم پاڪستان جي وفد جو اداري نور حق پهچڻ تي پرجوش استقبال ڪيو ويو. ملاقات ۾ ٻنهي پارٽين وچ ۾ ڪراچي جي صورتحال ۽ مڪاني چونڊن بابت ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي ايم ڪيو ايم طرفان جماعت اسلامي کي 9 جنوري تي ٿيندڙ احتجاجي ريلي ۾ به شرڪت جي دعوت ڏني وئي.

ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن تي تفصيلي ڳالهين کان پوءِ صحافين سان ڳالهيون ڪندي خالد مقبول صديقي چيو ته جماعت اسلامي جو ٿورائتو آهيان انهن اسان کي ملاقات جو موقعو ڏنو. ٻئي پارٽيون بنيادي جمهوريت جي مضبوطي تي يقين رکن ٿيون. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن ۽ عدالتن جي حڪم تي اڳ به مڪاني چونڊون ملتوي ٿيون، هاڻ به ٿينديون. خالد مقبول صديقي چيو ته ٻيون چونڊون ٿين يا نه ٿين پر مڪاني چونڊون ٿيڻ گهرجن ۽ انهن جو شفاف ٿيڻ ضروري آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں