58

لاهور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا، ماڻهن ۾ خوف حراس پکڙجي ويو

لاهور: لاهور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا جنهن کان پوءِ رهواسين ۾ خوف حراس پکڙجي ويو.
ريڪٽر اسڪيل تي زلزلي جي شدت 4.1 جڏهن ته اونهائي پنج ڪلو ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي آهي. زلزلي جو مرڪز لاهور مان غرب طرفان 34 ڪلو ميٽر جڏهن ته شيخوپوره مان 12 ڪلو ميٽر رڪارڊ ڪيو ويو آهي.
زلزلي سبب اڃان تائين ڪنهن به قسم جي نقصان جا اطلاع ناهن مليا. زلزلي جا لوڏا لاهور سميت شيخوپوره، شرقپور ۽ ڀارت ۾ به محسوس ڪيا ويا.
زلزلي جي لوڏن کان پوءِ ماڻهو ڪلمي جو ورد ڪندي گهرن مان ٻاهر نڪري آيا. ماهرن موجب زلزلي جو مرڪز پاڪستان ۽ ڀارت جو سرحدي علائقو آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں