65

پاڪستان ۾ انصاف جي نظام جو بحران پيدا ٿي چڪو آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد: پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان ۾ انصاف جي نظام جو بحران پيدا ٿي چڪو آهي.
پنهنجي ٽوئٽ ۾ فواد چوڌري چيو ته پاڪستان ۾ انصاف جي نظام جو بحران پيدا ٿي چڪو آهي ۽ اهو تاثر ڏنو پيو وڃي ته عدالتون فوج جي اثر هيث فيصلا ڪنديون آهن ۽ چيف جسٽس کي ٻڌايو ويندو آهي ته ڪهڙو فيصلو ڪرڻو آهي. ملڪ ۾ ٿيندڙ تباهي جا اثر سامهون اچي رهيا آهن.

فواد چوڌري وڌيڪ چيو ته ان سلسلي ۾ سپريم ڪورٽ جو ڪوبه موقف سامهون نه اچڻ معاملن جي سنگيني جو کلي عام اظهار آهي.
پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته منهنجي راءِ آهي ته چيف جسٽس فوري طور تي اجلاس گهرائي ۽ ان صورتحال تي غور ڪري. اڳوڻي وفاقي وزير چيو ته اعظم سواتي ڪيس ۾ جج جي فيصلي کان اڳ بدلي ڪئي وئي. هڪ ٽوئٽ تي ڪيتريون ئي ايف آءِ آرز داخل ڪرڻ معمول جي ڳالهه ناهي.
فواد چوڌري چيو ته جمهوريت جي بنياد آئين آهي ۽ اهڙي طرح آئين جو بي وقت هجڻ تمام وڏو بحران آهي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں