56

سنڌ ۽ بلوچستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي مڪمل بحالي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون: وزيراعظم

زوب: وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ٻوڏ متاثرن کي گهرن جي لاءِ معاوضو ڏيڻ جي ڳالهه ذهن ۾ ايندي هئي ته رات جو ننڊ نه ايندي هئي، 10 لک گهر پاڻي ۾ تباهه ٿي ويا. انشاءَالله اسان انهن کي معاوضو ڏينداسين.
وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان جي ضلعي صحبت پور ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ٻوڏ سبب سمورو صحبت پور ضلعو پاڻي ۾ ٻڏل هو، هتي پاڻي ۽ خوراڪ پهچائڻ آسان ڪم نه هو. وزيراعظم چيو ته ايتري وڏي ٻوڏ سموري زندگي ۾ ناهي ڏٺي. سنڌ جو ميداني ۽ بلوچستان جو جابلو علائقو پاڻي ۾ ٻڏل هو. ڊپ لڳندو هو ته ڪهڙي طرح هن متاثرين جي مدد ڪنداسين.

شهباز شريف پنهنجي خطاب ۾ اهو به چيو ته جهڙين حالتن ۾ اسان حڪومت سنڀالي هئي ان وقت آءِ ايم ايف سان معاهدو ٽٽي چڪو هو ۽ مهانگائي عروج تي هئي پر ان جي باوجود وفاق ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 100 ارب روپيه خرچ ڪيا ۽ اڃان به ٻوڏ متاثرين جي لاءِ سوين اربن جي ضرورت آهي.

هن چيو ته 9 جنوري تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان جينيوا جي ڊونرز ڪانفرنس جي سربراهي ڪندس. ان سلسلي ۾ پاڙيسري ملڪن کي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏئي رهيو آهيان. ملائيشيا جي وزيراعظم سان به ڪالهه ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي خطاب ۾ اهو به چيو ته پاڪستان کي پيرن تي بيهارڻ لاءِ اسان کي پاڻ همت ڪرڻي پوندي. ٻوڏ صورتحال دوران هي سمورو علائقو پاڻي ۾ ٻڏل هو. پر اڄ صحبت پور جو اهو علائقو ڏسي سڪون ملي ويو. اهي سموريون شيون ڏسي مون کي پنجاب جو دانش آباد اسڪول ياد اچي ويو.
وزيراعظم سموري بلوچستان ۾ 12 دانش اسڪول ٺاهڻ جو اعلان ڪندي چيو ته دانش اسڪول ۾ غريب ۽ يتيم ٻارن جي لاءِ مفت تعليم ۽ ماني جو انتظام هوندو. بلوچستان جو چيف سيڪريٽري دانش اسڪولن جي لاءِ زمين ڳولي ۽ فوري طور تي پيڙهه جو پٿر رکي.
وزيراعظم ان حوالي سان وڌيڪ چيو ته صحبت پور دانش اسڪول ۾ هاسٽل ۽ ٻيون سهولتون مڪمل ٿيڻ تي 23 مارچ تي افتتاح ڪنداسين. بلوچستان ۾ اعلان ڪيل 12 دانش اسڪولن سان گڏ ڪلينڪ به هوندا ۽ اسڪولن کي شمسي توانائي سان هلايو ويندو. جڏهن ته اسڪولن ۾ اي لائبريري به هوندي.
ان موقعي تي شهباز شريف والدين کي درخواست ڪئي ته ٻارن کي اسڪول آڻيو، ٻارن کي غير حاضر نه ڪريو، دانش اسڪول جو مطالبو پورو ڪري ڇڏيو آهي، ٻيا مطالبا نوٽ ڪري ورتا آهن. هن وقت به هزارين، لکين ماڻهو امداد جي اوسيئڙي ۾ آهن. گهرن جو معاوضو ڏيڻ جي ڳالهه ذهن ۾ ايندي آهي ته رات جو ننڊ نٿي اچي. 10 لک گهر پاڻي ۾ لڙهي ويا. انشاءَالله متاثرين کي معاوضو ڏينداسين.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں