68

ڪراچي: مڪاني چونڊن لاءِ تڪ بندين جي معاملي تي پ پ ۽ ايم ڪيو ايم ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار

ڪراچي: مڪاني چونڊن جي لاءِ تڪ بندين جي معاملي تي پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ۾ جاري ڊيڊ لاڪ برقرار آهي. حڪمران اتحاد وچ ۾ ٻئي گڏيل اجلاس جي تاريخ طئي نه ٿي سگهي.
ايم ڪيو ايم مڪاني چونڊن کان اڳ تڪ بندين ۾ تبديلي جو مطالبو ڪيو آهي. جڏهن ته پيپلز پارٽي چيو آهي ته اسان چونڊن لاءِ تيار آهيون. تڪ بندين جو معاملو اليڪشن ڪميشن حل ڪري سگهي ٿو.

هوڏانهن ايم ڪيو ايم 9 جنوري تي ڪراچي ۾ ريلي ڪڍڻ جي لاءِ متحرڪ ٿي وئي آهي. ايم ڪيو ايم تڪ بندين ۽ چونڊن لسٽن خلاف احتجاج ڪندي. ايم ڪيو ايم اڳواڻ اڄ جماعت اسلامي کي دعوت ڏيڻ لاءِ نور حق اداري ويندا.
ايم ڪيو ايم قيادت اڄ فاروق ستار سان به ملاقات ڪندي. متحده جو وفد (ن) ليگ ۽ اي اين پي اڳواڻن سان به ملاقات ڪندو. سمورين سياسي پارٽين کي سنڌ حڪومت خلاف ڪڍيل ريلي ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني ويندي.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں