63

ڪراچي جي واپارين مارڪيٽون ساڍي 8 وڳي بند ڪرڻ واري فيصلي کي رد ڪري ڇڏيو

ڪراچي:ڪراچي جي واپاري برادري مارڪيٽون ساڍي 8 وڳي بند ڪرڻ جو فيصلو رد ڪري ڇڏيو. واپاري اڳواڻن عتيق مير، جميل پراچه، شرجيل گوپلاني ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته اسان 10 وڳي تائين دڪان ۽ 12 وڳي تائين شادي هالز بند ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي. پر اسان جي هڪ به نه ٻڌي وئي. اسان کي احتجاج ڪرڻ تي مجبور ڪيو پيو وڃي. هن وقت اسان جو سيزن آهي، ملڪ جي معيشت وينٽي ليٽر تي آهي اهڙن فيصلن سان معيشت وڌيڪ تباهه ٿي ويندي. حڪومت فيصلي تي نظر ثاني ڪري.
شرجيل گوپلاني چيو ته پورٽ تي ڪنٽينر تي ڊيميجنگ جي حوالي سان لکين ڊالر ٻاهر وڃي رهيا آهن پر اسان کي ڊالرز نه پيا ڏنا وڃن. زبردستي امپورٽرز جي اڪائونٽس مان پئسا ڪڍيا پيا وڃن. اسان جا دڪان بند ٿي ويا ته بيروزگاري وڌي ويندي. جيڪڏهن زبردستي فيصلا مڙهيا ويا ته ان جا نتيجا سٺا نه ٿيندا.

عتيق مير چيو ته حڪومت جو اهو فيصلو رد ڪريون ٿا. جيڪڏهن زبردستي دڪان بند ڪرايا ويا ته احتجاج ڪيو ويندو. جنهن حڪومت وٽ وزير نه آهن اهي بهتر فيصلا ڪيئن ڪري رهيا آهن. دفاع وارو وزير بجلي جي بچت جا فيصلا ڪري رهيو آهي. حڪومت مراعات يافته طبقي جون مراعتون ڇو ختم نٿي ڪري. حڪومتي وزير پنهنجا غير ضروري پرڏيهي دورا ختم ڪن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں