81

دهشتگردي خلاف جنگ ۾ دفاع ڪرڻ پاڪستان جو حق آهي: آمريڪا

واشنگٽن:آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان نيڊ پرائس چيو آهي ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ دفاع ڪرڻ پاڪستان جو حق آهي، پاڪستان جي عوام دهشتگرد حملن دوران تمام گهڻو نقصان برداشت ڪيو آهي.
واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نيڊ پرائس چيو ته طالبان کي چيو وڃي ٿو ته هو پنهنجا واعدا پورا ڪن، افغان زمين کي دهشتگردي لاءِ لانچنگ پيڊ طور استعمال نه ڪيو وڃي.

نيڊ پرائس چيو ته اسان جائزو وٺي رهيا آهيون ته طالبان جي فيصلن خلاف ڪهڙا قدم کڻي سگهجن ٿا. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان خبردار ڪيو آهي ته اسان اڳ ئي چئي چڪا آهيون ته آمريڪا طرفان دهشتگرد ڪاررواين جو سخت جواب ڏنو ويندو.
آمريڪي ترجمان وڌيڪ چيو ته افغانستان جي صورتحال جو ويجهو کان جائزو وٺي رهيا آهيون ۽ اهو به جائزو وٺي رهيا آهيون ته طالبان جي فيصلن خلاف ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن. نيڊ پرائس چيو ته آمريڪا افغان عوام جي بهتري لاءِ پرعزم آهي. افغان طالبان واعدا پورا نه پيا ڪن، افغانستان ۾ اين جي اوز ۽ خاص طور تي عورتن کي ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ گهرجي.
هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا ۽ اتحادي طالبان جي فيصلن تي رد عمل ڏنو وڃي. جي سيون ۽ ٻيا ملڪ به ڳڻتي جو اظهار ڪري چڪا آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں