119

سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ گرمي پد پنجيتاليهه ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان آهي: موسميات کاتو

ڪراچي: (آچر 10 اپريل 2022ع) موسميات کاتي سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ گرمي پد 43 کان 45 ڊگري سينٽي گريڊ جي وچ ۾ رهڻ جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو آهي.
رپورٽ موجب موسميات کاتي جي ارلي وارننگ سينٽر اڳڪٿي ڪئي آهي ته ڪراچي ۾ ايندڙ ٽن ڏينهن دوران موسم گرم ۽ وچولو رهڻ جو امڪان آهي. ان دوران شهر جو وڌ کان وڌ گرمي پد 34 کان 36 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ٿي سگهي ٿو.
موسميات کاتي موجب شهر ۾ سمنڊ جي ڏکڻ اولهه طرف جون هوائون لاڳيتو فعال رهنديون. سامونڊي هوائن سان گڏ اولهه واري پاسي جون هوائون به هلي سگهن ٿيون.
موسميات کاتي جو اهو به چوڻ آهي ته ڏوراهين علائقي جي مختلف ضلعن ۾ سخت گرمي برقرار رهڻ جو امڪان آهي ۽ ان ضلعن ۾ گرمي پد 43 کان 45 ڊگري جي وچ ۾ رڪارڊ ٿي سگهي ٿو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں