95

يمنا زيدي ڊرامن مان شهرت حاصل ڪرڻ بعد فلمن جي دنيا ۾ قدم رکڻ لاءِ تيار

ڪراچي: پاڪستاني ڊرامن جي مشهور اداڪاره يمنا زيدي فلم انڊسٽري ۾ اچڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

يمنا زيدي پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي پنهنجي پهرين فلم جو پرومو شيئر ڪندي پنهنجي مداحن کي ٻڌايو ته هوءَ جلد نئين فلم ”ناياب“ ۾ ڊيبيو ڪندي.

فلم جي پرومو وڊيو شيئر ڪندي اداڪارا ڪيپشن ۾ لکيو ته مان پاڪستان لاءِ پنهنجي پهرين فيچر فلم ”ناياب“ جو ٽائيٽل موشن پوسٽر شيئر ڪندي بيحد پرجوش آهيان، هن فلم جو خيال ۽ تخليق منهنجي دل جي تمام ويجهو آهي. .

فلم جي پرومو کي ڏسي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته يمنا زيدي ان ۾ هڪ ڪرڪيٽر جو ڪردار ادا ڪندي ۽ فلم عورتن جي طاقت، انهن کي بااختيار بڻائڻ ۽ انهن جي ڪيريئر کي پروموٽ ڪرڻ تي ٻڌل هوندي.

فلم جي ڪاسٽ ۾ يمنا زيدي سان گڏ جاويد شيخ ۽ محمد فواد خان اهم ڪردار ادا ڪندي نظر ايندا، فلم جو هدايتڪار عمير علي آهي جڏهن ته فلم جا ليکڪ عباس نقوي ۽ باسط نقوي آهن.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں