68

اسحاق ڊار کان ڪنهن ٻئي جو وزير بنجڻ برداشت نه ٿيندو آهي: مفتاح اسماعيل

ڪراچي: اڳوڻي ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته اسحاق ڊار کان برداشت ناهي ٿيندو ان کان نه ڏٺو ويو ته ڪو ٻيو ماڻهو وزير بڻجي. اسحاق ڊار کي ناڻي وارو وزير بنجڻ جو وڏو شوق هو.
پنهنجي هڪ بيان ۾ مفتاح اسماعيل چيو ته مون کي پارٽي هٽايو آهي 6 مهينن کان ناڻي واري وزير اسحاق ڊار منهنجي خلاف مهم هلائي، هن ٽي وي تي وڃي چيو ته ڊالر 160 جو ڪري ڇڏيندس. منهنجي خلاف اينڪر کان به ٽوئٽ ڪرائي ۽ پروگرام به ڪرايو.

هن چيو ته اسحاق ڊار کي ناڻي وارو وزير بنجڻ جو تمام گهڻو شوق هو، پارٽي ۾ ميان صاحب جا ويجها مائٽ به آهن جيڪي لنڊن ۾ ان سان گڏ هئا، اسحاق ڊار چوندو هو ته مان ويندس ته ڊالر سستو ڪري ڇڏيندس، پيٽرول سستو ڪندس، کير جون نديون وهائيندس. جنهن کان پوءِ پارٽي يا ميان صاحب فيصلو ڪيو ته مفتاح کي هٽائي ڇڏيو. مون کي ان جو ڪوبه ڏک ناهي پر جهڙي طرح سان مون کي هٽايو ويو اهو صحيح نه هو.
پارٽي ۾ گروپ بندي جي سوال تي مفتاح اسماعيل چيو ته گروپ بندي ناهي هوندي، پارٽي ۾ پنهنجي پنهنجي ذهن جا ماڻهو هوندا آهن، پر سڀني کي خبر هئي ته ڊار صاحب جي ذاتي خواهش آهي. ڊار 2017 ۾ به وزير هو ته وزارت جي هوندي لنڊن هليو ويو تڏهن به مون ڊالر ڊي ويليو ڪيو ته هن ٽي وي تي تنقيد ڪئي. تنقيد پارٽي ۾ يا پاڻ ۾ ويهي ٿي سگهي ٿي پر ٽي وي تي نٿو ڳالهائي سگهجي.
اڳوڻي ناڻي واري وزير چيو ته ڊار کان برداشت ناهي ٿيندو هن اهو ڏٺو ته ڪو ٻيو ماڻهو وزير هو، هو سمجهي ٿو ته مسلم ليگ(ن) ۾ ان کي ئي وزير هجڻ گهرجي. مون کي ان سان مسئلو نه هو، مان ملڪ کان ٻاهر هئس. آمريڪا جي دوري کان پوءِ لنڊن آيس، 12 ماڻهن جي سامهون مون کي گهرايو ۽ ڪڍيو. هنن اهو صحيح طريقي سان ناهي ڪيو.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں