57

عمران خان کي گولي ناهي لڳي هو ڏيڍ مهيني کان ڊرامو ڪري رهيو آهي: راڻا ثناءُالله

اسلام آباد: وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو آهي ته عمران خان ٻه نمبري ماڻهو آهي کيس گولي ناهي لڳي. هو ڊرامو ڪري رهيو آهي جيڪڏهن کيس ٽنگ ۾ گولي لڳي هجي ها ته پوءِ هن کي فريڪچر ڇو نه ٿيو. اها عجيب ڳالهه آهي. جيڪڏهن گولي لڳي به هجي ها ته ٻن هفتن ۾ هي ٺيڪ ٿي چڪو هجي ها پر اڃان تائين هي چوي ٿو ته مون کي ڏيڍ مهيني جو وقت گهرجي.
اسلام آباد ۾ مذهبي معاملن معاملن واري وزير مفتي عبدالشڪور سان پريس ڪانفرنس ڪندي گهرو وزير چيو ته هنن فراڊين جي ڪپڙن مان 4 گوليون نڪتيون ته ڇا اهي ٽافيون هيون، ڪو چوي ٿو 8 گوليون لڳيون، ڪو چوي ٿو 4 گوليون لڳيون ته پوءِ منهنجي حساب سان ته عمران خان کي 35 گوليون لڳيون.

وفاقي وزير چيو ته وزير آباد واقعي تي عمران خان صرف ڊرامي بازي ڪري رهيو آهي. هنن جي پنهنجن ڪارڪنن جوابدار نويد کي پڪڙي پوليس جي حوالي ڪيو. جوابدار جي اڳيان پٺيان ڪير به نه هو. جيتري مرضي جاچ ڪريو. ٻيون، ٽيون جوابدار ڪوبه ناهي، معظم کي عمران خان جي گارڊ جي گولي لڳي. ان گارڊ کي به جاچ ۾ شامل ڪرڻ گهرجي.
وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُالله چيو ته قومي سلامتي ڪميٽي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ڪنهن به دهشتگرد تنظيم سان ڳالهيون نه ٿينديون. افغانستان ۾ هڪ عبوري حڪومت آهي. انهن سان به ان معاملي تي ڳالهيون ڪيون وينديون. پاڪستان سميت سموري دنيا سان هنن واعدو ڪيو آهي ته هو پنهنجي زمين کي دهشتگردي جي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏيندا. هو ان تي عمل ڪن. جيڪڏهن ان معاهدي تي افغانستان عمل ڪري ته پاڪستان سميت دنيا ۾ امن قائم ٿي ويندو.
وفاقي گهرو وزير وزير چيو ته في الحال ٽي ٽي پي سان ڳالهيون نه ٿينديون ڳالهيون ٿيون به ته اهي افغان حڪومت سان ٿينديون ڪنهن به اهڙي تنظيم سان جيڪا عوام جي خلاف يا رياست جي خلاف دهشتگردي جي لاءِ استعمال ٿئي اها برداشت ڪرڻ جوڳي نه آهي. قومي سلامي ڪميٽي واضح ڪري ڇڏيو آهي ته ڪنهن به دهشتگرد تنظيم سان ڳالهيون نه ٿينديون.

اس خبر پر اپنی رائے کا اظہار کریں